اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ت?? يونان ٻيڙيءَ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 15 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پهچي ويا آهن جيڪي گجرات، گوجرانوالا، منڊ?? بهاءُ الدين، راولپنڊي، شيخوپوره، وهاڙي ۽ ميرپور آزاد ڪشمير جي ضلعن ۾ انهن جي گهرڀاتين جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ت?? يونان ۾ پاڪستان جي مشن ميتن جي ڳولا ۽ انهن کي پاڪستان پهچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ت?? يوناني عملدارن اهو به ٻڌاي?? ته انهن ملندڙ مڙهن جي ڊي اين اي مي??نگ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چي?? ته ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڪنهن ٻئي پاڪستاني جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.