اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته عمران نيازي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃ?? سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي?? آهي، مون کي ان جي حربن تي ڪا حيراني نه آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو مسلسل ر??اس??ي ادارن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪري، جيڪو ماڻهن کي جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي ترغيب ڏئي عسڪري ٺڪاڻن، ر??اس??ي علامتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرا??ي اهو ڪنهن به حد تائين وڃ?? سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي تنظيم جو سربراهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميشن نيٽ ورڪ“ هلائي ٿي، عمران نيازي جي سڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.