اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ اس??ادن تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي واقعي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مارجي ويل اس??ادن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد جي فراهمي جي هدايت ڪندي لاڳاپيل عملدارن ک??ن واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.