اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بي??نگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بي??ن تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفاري لاڳاپن جي بحالي کي ٻ??هي ملڪن جي قيادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي سان پاڪستان جي ويجهي ڀائراڻن لاڳا??ن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي تجديد پوري خطي ??ي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي ??ي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران ??ي لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.