اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) قا??ون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سموري قيادت کي گڏجي ويهڻو پوندو، معاشي معاملا بهتري بدران ??راب ٿيڻ فڪر جو لمحو آهي، مخالف ڌر کي هڪ دفعو ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته هو هن ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ اسان ??ان گڏجي ويهي. سينيٽ آف پاڪستان ??ي گولڊن جوبلي تقريبن جي آخري ڏينهن خيالن جو اظهار ڪندي قا??ون واري وفاقي وزير چيو ته هن ايوان ۾ زندگي جي هر شعبي سان ??علق رکندڙ ماڻهن طرفان گولڊن جوبلي تقريبن دوران ??يالن جي اظهار سان ??ئندي جون راهون مقرر ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون، هن شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين، سندس ٽيم، سينيٽ سيڪريٽري، پروٽوڪول سيڪشن، ميڊيا سميت سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته هتي جيترا به ماڻهو شريڪ ٿيا انهن جي ڳالهه جو محور پاڪستان ??ي معاشي صورتحال رهي، سينيٽ ۽ وفاق پاڪستان ??ي علامت آهي، ملڪ هن وقت جنهن ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جيڪو سياسي گرمي پد آهي ان ??ي به هتي ڳالهه ٿيڻ گه??بي هئي، هن چيو ته اسان هن فورم تان هڪ دفعو ٻيهر ان ??زم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته رياست پاڪستان کي تر??ي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ پاڪستان ??ي عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اڄ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ويهي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان ??ي اها بدقسمتي آهي ته هتي معاملا بهتر ٿيڻ بدران ??راب ٿيا، هن چيو ته پاڪستان ??ي معاشي صورتحال، ڪرنسي، معاشي اوسر ۾ اسان لاهن چاڙهن جو شڪار ئي رهيا آهيون، ان ??و هڪ وڏو سبب شايد سياسي عدم استحڪام آهي ۽ سياسي عدم استحڪام جو هڪ وڏو سبب غير آئيني مداخلت رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ٻن موقعن تي آئين معطل ۽ آمراڻو راڄ لاڳو رهيو جنهن جو وقت ڪڏهن 10 سال ۽ ڪڏهن 8 سال رهيو، هن چيو ته اسان کي انهن سببن جو به جائزو وٺڻو پوندو ته اهي مارشل لا ڇو لاڳو ٿيا. هن سوال ڪيو ته ڇا اسان کي ماضي مان ??بق سکڻ گهرجي؟ هن چيو ته اسان کي پنهنجي روين ۾ سنجيدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، هڪٻئي جي ڳچي پڪڙڻ سان هي ادارو ۽ رياست ٻئي ڪمزور ٿيندا. اسان کي سنجيده سياستدانن طور بردباري، تحمل، برداشت سان هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هن اهم موقعي تي مخالف ڌر انهن تقريبن ۾ شرڪت نه ڪئي، اسان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي پر اهو سندن پنهنجو فيصلو هو جيڪڏهن هو اسان ??ي وچ ۾ هجن ها ته خوشي جي ڳالهه هجي ها ۽ ان ??ان ??وام تائين سٺو پيغام وڃي ها ته پاڪستان ??ا سياستدان ??ئين جي گولڊن جوبلي تي گڏجي ويٺل آهن. ڪميٽي آف دي هول جو حصو بڻجن ها ته ان ??ان ??ٺو پيغام وڃي ها، هن چيو ته سياست تفريح جو نالو ناهي سياست پنهنجي نظريي تي ڄمي بيهڻ جو نالو آهي، جڏهن ته ٻانهون مٿي کنجي ڄمي بيهڻ درست عمل ناهي، معاملا منطق ۽ دليل سان ??ڳتي وڌندا آهن، هڪٻئي کي قائل ڪريو ۽ وطن عزيز ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو، اها ئي قيادت ۽ اها ئي ذميواري ۽ اهو ئي حلف ۽ فرض آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن ايوان ۾ مخالف ڌر کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته هن ملڪ لاءِ گڏجي ويهون، چڱايون ميڙيون، براين جو خاتمو ڪريون ته جيئن ايندڙ 50 سال خوشحالي ۽ تر??ي جا ٿين.