اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 ڏينهن ج?? اندر ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پا??ست??ن بيت المال جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي پاران شاگرد جي مارڪ شيٽ ۽ ڊگري روڪڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن يونيورسٽي کي 15 ڏينهن ج?? اندر شاگرد کي ڊگري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر پا??ست??ن بيت المال کي متاثر شاگرد جي شڪايت جو ازالو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. شاگرد کي وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پا??ست??ن بيت المال جي وچ ۾ ضابطي جي ڪارروائي ۾ دير جي ڪري مارڪ شيٽُون ۽ ڊگري نه پئي ڏنيُون ويُون. صدر چيو ته ليٽ فيس جي ادائيگي جي معاملي کي ??ل ڪرڻ بدران يونيورسٽي غيرمنصفاڻي طور تي شاگرد جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽُون روڪيون، پا??ست??ن بيت المال پاران فيس سڌوسنئون يونيورسٽي کي ??دا ڪئي ويندي هئي، ادائيگي ۾ شاگرد جو ڪو ??مل دخل نه هو. صدر چيو ته يونيورسٽي کي چڱي ريت معلوم هو ته شاگرد احساس اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪري رهيو هو، شاگرد عبادالرحمان (شڪايت ڪندڙ) بي بي اي جي ڊگري ۽ مارڪ شيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب کي ??پيل ڪئي هئي. يونيورسٽي 122500 رپين جي رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري ڊگري روڪي هئي. وفاقي محتسب شاگرد جي حق ۾ فيصلو ڪندي بيت المال کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بيت المال فيصلي جي خلاف صدر کي ??رخواست داخل ڪئي جنهن کي ??د ڪيو ويو.