اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سر??اري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي ??ي چينل، ڪيبل ٽي ??ي يا ڪ??هن ٻي ميڊيا تي پاڪستان سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڪٽ تحت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سر??اري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي ??ي چينل، ڪيبل ٽي ??ي يا ڪ??هن ٻي ميڊيا تي سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊرامي، فلم ي?? ڪنهن به قسم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هوندي. سر??اري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن جي اندر ايڪٽ تي عملدرآمد جي لاءِ سائن لينگويج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ايڪٽ پوري پاڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هوندو.