اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪستان کي متعدي ۽ غيرمتعدي بيمارين کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ بيمارين کان بچاءُ ۽ بيماري جي جلد تشخيص جي ??اءِ هڪ جامع صحت جي ??ظام جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي جامع نظام سان ماڻهن کي صحت جون بهتر سهولتون ملنديون ۽ ان سان مليڪ صحت جي ??ظام تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پروفيسر چارلس ٽوورٽ جي سربراهي ۾ برطانيا جي رائل ڪاليج آف فزيشنز جي ??ڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته صحت جي ??ظام جي ??عيار ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ جي ??اءِ رائل ڪاليج آف فزيشنز برطانيا سان تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ان تعاون جي ??تيجي ۾ پاڪستان جي ??اڻهن کي جديد ترين صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۽ صحت جي عالمي اداري جي 2030ع جي ??دفن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ اداراجاتي صلاحيت ۽ سگهه پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اداراجاتي سگهه ۾ اضافي سان اعليٰ تعليم يافته ۽ تربيت يافته انساني وسيلن کي برقرار رکڻ، صحت جي شعبي ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پاڪستان واپس راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايم آر سي پي امتحان ميڊيڪل شاگردن جي ??اءِ طبي معائني، مريضن سان ڳالهه ٻولهه جي ??هارت ۽ تشخيص کي بهتر بڻائڻ جو هڪ اهم موقعو آهي. هن پنهنجي سفارشن تي سي ايم ايڇ لاهور کي اسلام آباد – راولپنڊي کانپوءِ ايم آر سي پي امتحان منعقد ڪرڻ جو ٻيو مرڪز قرار ڏيڻ تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ پارٽ ٽو ڪلينڪل ۾ امتحان ڏيندڙ اميدوارن جو بيڪ لاگ گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ ملڪ جي ??ين وڏن شهرن کي ايم آر سي پي امتحاني مرڪز قرار ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته هڪ اندازي موجب 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن، تناءُ جي شڪار آبادي ۾ منشيات جي استعمال، تشدد ۽ انتهائي رويو اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته حڪومت تربيت يافته ۽ مستعد ماهر نفسيات ۽ معاون عملي جي انگ کي وڌائڻ جي ??اءِ فوري، بامعنيٰ ۽ عملي قدم کنيا. صدر رائل ڪاليج آف فزيشنز جي ??يوچر اسپتال پاڪستان پروگرام کي ساراهيو. صدر سال 2021ع – 2022ع جي ??اءِ پريڪٽيڪل اسيسمنٽ آف ڪلينيڪل ايگزامينيشن اسڪلز چيمپيئن ايوارڊ سان نوازيا ويندڙ پاڪستان ۾ رهندڙ پهرين فزيشن پروفيسر عامر غفور خان کي ساراهيو. پروفيسر چارلس ٽوورٽ صدر کي ٻڌايو ته رائل ڪاليج آف فزيشنز مستقبل جي اسپتال پاڪستان پروگرام تح?? پاڪستان ۾ حصيدارن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو اسپتالن ۾ مريضن جي سارسنڀال کي وڌائڻ جي ??اءِ ٺوس صحت جي سارسنڀال جي ??عاونت جو مڪمل طور تي جديد ماڊل آهي.