نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو ??ائيڊن سان ??ندس پاران ??المي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران ??هو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جو ??ائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو ??ظهار ڪيو ۽ هاڻي ان ??ذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان ??گاهه ڪيو آهي.