اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پار??ن ج??ري بيان موجب پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين جي ڏس ۾ پاڪست??ن جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيڪريٽري جنرل جي پاڪست??ن جي وقت سر دوري کي ساراهيو. هن حڪومت جي ج??ري ردعمل جي پڄاڻي جي لاءِ گڏيل قومن جي ”فليش اپيل“ جي ذريعي پاڪستاني عوام جي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور ڪردار تي ??ن جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وز??ر چ??و ته شديد برساتن پاڪست??ن جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت کي جنم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. هن چ??و ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان اهم انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي پڻ زبردست نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي چ??و ته چئلينج پاڪست??ن جي وسيلن ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ آهي. هن چ??و ته عالمي برادري پاران پاڪست??ن جي مدد هن موسمياتي تباهي جو موثر طريقي س??ن جواب ڏيڻ ۽ پائيدار طريقي سان بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ج??ري امدا??ي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي و??ري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. هن چ??و ته اهو نه رڳو عالمي برادري جي سخاوت ۽ يڪجهتي جو معاملو آهي پر انصاف جو معاملو آهي. سيڪريٽري جنرل عالمي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پاڪست??ن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جي لاءِ مالياتي گنجائش وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪست??ن جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستاني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن کانسواءِ سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو پڻ دورو ڪندو، هو متاثر علائقن ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ۽ امدادي سرگرمين جو مشاهدو ڪندو.