اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ??لڪ?? جي سفارتڪارن ۽ عالمي ا??ارن جي نمائندن ٻوڏ متا??ر علائقن جو فضائي دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ا??ارن جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متا??ر علائقن جو دورو ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻ??ڏ کان متا??ر علائقن جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ترڪيه کانسواءِ گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ا??ارن جي نمائندن پڻ ٻ??ڏ کان متا??ر علائقن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سکر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار??، منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ا??ارن جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مختلف ??لڪ?? جي سفارتڪارن ۽ عالمي ا??ارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.