اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ ف??ائ??ه ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو قوم سان گڏ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڏينهن جي ش??وعات پاڪ ف??ائ??ه جي سمورين مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ خصوصي دعائن سان ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي. پاڪ ف??ائ??ه جي ترجمان موجب ان ڏينهن کي ش??ندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ايئر وائيس مارشل محمد نديم صابر ??تا??ه امتياز (ملٽري)، ا??سپيڪٽر جنرل پاڪستان ايئر فورس پرچم ڪشائي ڪئي جنهن کانپوءِ تقريب ۾ موجود سموري عملي پوري قوم سان هم آواز ٿي قومي ترانو ڳايو. بعد ۾ پاڪ ف??ائ??ه جي س??بر??هه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) جو آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.