اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف ??يو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالرز ملڪ موڪلڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائڻ وا??ي رقم 4.5 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۽ وزيراعظم جي ٽو??يٽ موجب وزيراعظم شه??از شريف هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 57 ملين ڊالرز پاڪستان موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته گذريل هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 57 ملين ڊالر اسٽيٽ بئنڪ کي مليا آهن ۽ اها رقم ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران هڪ ڏينهن ۾ موڪلڻ وا??ي هن وقت تائين جي سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. هڪ ڏينهن ۾ آيل ان رقم کانپوءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جو ماپو 4.5 ارب ڊالر کان ٽپي ويو آهي. هن ??يو ته اسان جي حڪومت روشن ڊجيٽل اڪائونٽ اسڪيم جي مڪمل حمايت ۽ سرپرستي ڪري رهي آهي، هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ رقم موڪلڻ تي ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم ??يو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جنهن جون دليون پاڪستان جي محبت سان ڀريل آهن، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذريعي سدائين ملڪي معيشت جي مضبوطي ۽ بهتري ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. توهان سان وا??دو آهي ته موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ مان نڪري توهان جي اميدن ۽ لاڳاپن تي پورو لهنداسين، وزيراعظم ??يو ته کيس مڪمل يقين آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مستقبل ۾ به پاڪستان جي مدد انهي خلوص جي جذبي سان ڪندا رهندا، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، اسان توهان جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.