اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه وس??ئ?? جي لاءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊ?? ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي تعلقي جي پتنئي، مينگوره ۾ باهه وس??ئي رهيا آهن، خشڪ موسم ۽ ت??ز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائ?? جي لاءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ معاون ادارن جي درخواست فوري م??ظور ڪندي باهه وس??ئڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته باهه وس??ئ?? جي لاءِ فضائي امداد فوري فراهم ڪئي وڃي.