اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??نج??ب ۽ خيبرپختونخوا مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??ان جاري بيان موجب صدر ??نج??ب مان بابر حسن ڀروانه جڏهن ته خيبرپختونخوا مان جسٽس (ر) اڪرام الله خان کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر طور مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اهي مقرريون آئين جي آرٽيڪل 218 (2) بي تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪيون ويون آهن. ٻئي جايُون اڳوڻن ميمبرن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ خالي ٿيون هيون.