اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف سان قطر جي ??فير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب قطر جي ??فير وزيراعظم شه??از شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي قطري قيادت پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر جي ??واهش کي ورجايو. وزيراعظم شه??از شريف قطري قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي قطري سفير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي ??هميت کي اجاگر ڪ??و ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ??زم کي ورجايو، خا?? طور تي وزيراعظم ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي ??عبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم افغان امن ۾ سهولتڪار طور قطر جي ڪردار کي ساراه??و ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قطر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عقيدي ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ??لائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.