اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? او آءِ سي جي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ??يڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ??اڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، داعش، ايسٽ ترڪمانستان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد گروپن کي منهن ??يڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ انساني الميي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، ??سلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ??يڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو م??ڪز ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ، انتهاپسندي جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ??يڻ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو م??ڪزي ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت دنيا جي سمورن تڪرارن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رڳو م??لمان ملڪن ۾ موجود آهن، يمن، شام ??ان صوماليه تائين مختلف جايون تڪرارن جو شڪار آهن، دنيا ۾ ٻه ڀاڱي پناهگير شام، ميانمار، صوماليه، افغانستان مان اچي رهيا آهن، اسان کي اندروني انتشار ۽ چئلينجنز تي ضابطو آڻڻو پوندو، ??سلمان امت جي لاءِ هي وقت آهي ته اها پنهنجي سرحدن جي اندر موجود شورشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو م??اهرو ڪري، اسان کي پوري دنيا ۾ اتهاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي پر جارحيت يا ڏاڍ ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ??يڻ گهرجي.