اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل A-63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ??ين??ي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن جي بدلي وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفاداريون معا??ي مفادن جي ڪري تبديل ڪن انهن جي نااهلي تاحيات هوندي يا کين ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي؟ سپريم ڪورٽ ک?? درخواست ڪئي ??ين??ي ته ان ريفرنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.