اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪراچي ۾ آه??، 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪو هڪ وڏو ڪم ڪيو آه?? ته سامهون آڻي. بلاول زراري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته خيبرپختونخواهه جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جو ناڪام ترين جلسو ٿيو آه?? ته اهو پيپلزپارٽي جو آه??، ڪاش بلاول اڄ ??نڌ ۾ 13 سالا اقتدار جي ڪارڪردگي پن پيش ڪري ها. مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ جڏهن ته ڪراچي ۾ 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آه??، سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وڃي ٿي ۽ جڏهن معاملو اوپن ٿئي ٿو ته چيو وڃي ٿو ته ڪوئا کائي ويا آه??، ڪاغذن ۾ سنڌ ۾ اربين رپيا صحت ۽ تعليم جي شعبي تي خرچ ٿيا پر اڄ ??ه سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمبولينس نه آه??، تعيلمي ادارن ۾ جانور ٻڌل نظر اچن ٿا. مملڪ??ي وزير چيو ته سنڌ جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن ۽ لينڊ مافيا جي رحم تي ڇڏيو ويو آه??، جعلي ڊوميسائيل تي نوڪرين جو اعزاز به پيپلزپارٽي حڪومت کي ئي حاصل اهي، گرين لائين، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، نالن جي صفائي سم??ت هر وڏو ڪم وفاقي حڪومت ڪري رهي آه??، سنڌ حڪومت سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نه ڪري رهي آه??. فرخ حبيب چيو ته بلاول جي ڳالهين مان ثابت ٿي چڪو آه?? ته پيپلزپارٽي جو مقابلو پي ڊي ايم سان آه??، اهي پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهندا، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ٻنهي پنهنجي پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، بلاول جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ ڌائڻ چاهيون ٿا ته پيپلزپارٽي 7 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي آه??، اسان جي حڪومت ماضي جي تمام گهڻن قرضن ۽ انهن ??ي وياج جي ادائيگي جي لاءِ باهريان قرض وٺڻ تي مجبور آه??، بلاول احب واقعي ئي سنڌ ۾ عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آه??، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کان هر صورت ۾ ڇوٽڪارو چاهي ٿي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي رستي تي گامزن آه??، سواءِ بلاول، شهباز جي سڀ ڄاڻين ٿا، ماضي ۾ اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان معيشت هلائيندڙ اڄ ??وورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف بيٺل آه??، پيپلزپارٽي کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ جدا اليڪٽورل ڪاليج جي تجويز ان وقت ڇو ياد نه آئي جڏهن انهن جي پنهنجي حڪومت هئي، بلاول جلسن ۾ شهيدن کي سلام ته ڪري ٿو پر اڄ ??ائين دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن جي گهر ناهي ويو. مملڪ??ي وزير فرخ هبيب چيو ته 2018ع جي چوندن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آه??ون، وزيراعظم عمران خان اڳوڻي فاٽا سميت سمورن پٺتي پيل علائقن ۽ انهن جي عوام کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آه??، پيپلزپارٽي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به ڪرپشن جو بازار گرم هو. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته سماجي تحفظ جي لاءِ احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ سال 260 ارب رپيا رکيا ويا آه??، احساس تحت 34 پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آه??.