اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين، عشره رحمت اللعالمين جي تقريبن جي موقعي تي ”پيغام پاڪستان“ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي رهيا آهيون جيڪو رواداري ۽ برداشت تي ٻڌل هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن واري وفاق?? وزير پير نور الحق قادري سان گڏ 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول ﷺ جي موقعي تي تقريبن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. اطلاعات وار?? وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه ۽ سندس تع??يم پوري معاشري جي لاءِ عملي نمونو آهن، اسان کي سيرت طيبه کي عملي طور تي پنهنجي زندگين ?? اختيار ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاق?? وزير پير نور الحق قادري چيو ته اسان پنهنجي زندگين کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ موجب بڻائي مسئلن جو حل ڪڍي سگهون ٿا. هن اجلاس کي ٻڌايو ته عشره شان رحمت جي سلسلي ۾ مذهبي معاملن وار?? وزارت 20 آڪٽوبر تائين مختلف موضوعن جو شيڊول جاري ڪيو آهي. هن انهن موضوعن کي نظر ۾ رکندي سيرت ڪانفرنسن جي ا??عقاد تي زور ڏنو. وفاق?? وزير وزيراعظم جي هدايت موجب 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام جو اعلان خوش آئنده آهي، ان اٿارٽي جي ذريعي نوجوان نسل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي ا??قلاب جي رخن کان روشناس ڪرايو ويندو.