دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ هڪ ??وش??ال ملڪ طور اڀري رهيو آهي، ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان ۾ محفوظ سيڙپڪار پاليسين مان فائدو کڻن. ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ”روشن پنهنجو گهر“ قدم جي حوالي سان منعقد تقريب کي خط??ب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان پنجون وڏو ملڪ آهي، جنهن مختلف شعبن ۾ ترقي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ هدف رکيا آهن. هن چيو ته نه رڳو وسيلن پر ويزن ۽ صحيح پاليسين جو ڪنهن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار آهي. مون کي اها قوي اميد آهي ته پاڪستان پنهنجي ترقي پسند پاليسين جي ڪري دنيا ۾ نمايان مقام حا??ل ڪندو. صدر چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي ۽ ڪورونا وائرس جهڙن وڏن چئلينجز تي ضابطو آڻڻ کانپوءِ لچڪدار قوم طور اڀري آهي. واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود تقريب کي خط??ب ڪندي چيو ته پاڪستاني معيشت حوصلي جوڳي معاشي انگن اکرن سان صحيح رستي تي گامزن آهي. روانگي واپار ۽ زرعي شعبي ۾ نمايان ترقي ٿي رهي آهي. حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري پاڪستان جي پائيدار ترقي عوامي مفاد ۾ جاري رهندي.