اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪينيا سا?? گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيه?? وزير ڪينيا جي هم منصب ريچل اومامو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيه?? وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون، ??فغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان ڪينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. انگيج آفريقا پاليسي اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪينيا سا?? گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي واپاري دفاعي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيه?? وزير آڪٽوبر مهيني لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي ڪينيا جي پرڏيه?? وزير کي مبارڪباد پيش ڪئي، ٻنهي پرڏيه?? وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني ۽ معاشي بحران تي گهري ڳڻتي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغانين کي انساني ۽ معاشي مدد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پرڏييه وزير ڪينين هم منصب کي نيزوبي ۾ موجود، سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين جي فوري مدد جي درخواست ڪئي، ڪينين پرڏيه?? وزير ريچل اومامو نيروبي ۾ سعودي عرب وڃڻ جي منتظر پاڪستانين کي جلد سعودي عرب موڪلڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.