اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته هڪ طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آءِ پي سي سي رپورٽ تي ايندڙ 10 سالن ۾ گرمي پد شديد وڌڻ جي ريڊ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف وزيراعظ?? عمران خان ??ڻڪاري مهم جي پاڻ قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته وزيراعظم گذريل ??ين??ن لاهور اربن مياواڪي ۽ اڄ بلوچستان ??سٻيله (مياڻي) مينگروز ۽ سڀاڻي لال سوهانرا بهاولپور ۾ ڊرون وڻڪاري ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظ?? عمران خان ??وسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان عالمي اڳواڻ بڻجي اڀريو آهي، عالمي ادارا به وزيراعظ?? عمران خان جي انهن ڪوششن جو اعتراف ڪري رهيا آهن.