اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي ش??بن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏيهي خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري ??ور تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ سي پيڪ ??نصوبن تي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري ??ي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري ??هيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ سي پيڪ ??نصو??ي تحت سيڙپڪاري، حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري ??ل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري ??ور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.