اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم جز آهي، هن چيو ته ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو مثبت ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته صحافي برادري کي پيشيوراڻيون ذ??يواريون سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني صحافين کي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلر?? جي سگهه، جديد ٽيڪنالاج?? جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنجي پيشيوراڻي سرگرمين کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين جي پيشيوراڻي ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحاف?? جي هڪ سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم جو اي??ان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ??وشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ۾ سڄي ملڪ جي ميڊيا جي موجودگي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس. هن چيو ته مخالف ڌر سان پيش اي??دڙ معامل?? جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃ?? جيڪا پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي ڳالهائيندي چيو ته جمهوري نظام ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، اظهار جي راءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد ميڊيا جي ??ري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي آر ا?? جي صدر بهزاد سليمي سينيٽ جي ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ميڊيا جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ان سان فرضن جي ادائيگي ۾ نمايان بهتري اي??دي هن سينيٽ جي ??يئرمين ۽ قومي اسيمبل?? جي اسپڪر کي درخواست ڪئي ته ميڊيا پرسنز کي اي??ان جي اندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي ??يئرمين ۽ قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر چيو ته ان ڳالهه جو فيصلو پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو.