اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، مخالف ڌر جي مفاد ۾ نه آهي ته اليڪشن شفاف ٿئي ۽ ان ۾ پئسن جو اثر رسوخ نه هجي، هو اهڙن ماڻهن کي چونڊرائڻ چاهين ٿا جيڪي اهليت نه رکندا هجن ۽ نه ئي قابليت، انهن جون ترجي??ون پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ آهي، عوام جي مفادن ۽ حقن جو ٻيڙو وزيراعظم عمران ??ان کنيو آهي، جيڪو روشني جي قوت آهي، قومي چونڊن ۽ سينيٽ چونڊن جي باري ۾ اسان ??و بيانيو ڪافي واضح ٿي ويو آهي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، پٽ جي وڊيو کانپوءِ يوسف رضا گيلاني کي ٻي ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ گهربو هو. هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ڪامياب ٿيندڙ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن کان ??مران ??ان ۽ سندس حڪومت ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي هئي ته چونڊ عمل شفاف هجڻ گهرجي. هن چيو ته شفاف اليڪشن کانپوءِ اسان ??ي ايوان ??و تقدس بحال ۽ 1985ع کان ??روع ٿيندڙ پئسي جي ڪلچر جو خاتمو ممڪن آهي. پئسن جي ڪلچر سان ??يوان ۾ ايندڙن جون ترجي??ون عوام نه پر پئسو ڪمائڻ هوندو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي اسان ??ي سياسي ڪلچر کي پئسن سان ??نڱي ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان 2015ع کان ??ليڪشن سڌارن جي ڳالهه ڪئي ۽ 2018ع سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجي 20 ميمبرن کي فارغ ڪي??. ا?? کان پهرين يا پوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ ائين نه ٿيو. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم سپريم ڪورٽ کان ??هنمائي وٺڻ، قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس جاري به ڪيو ويو، جيڪڏهن مخالف ڌر پارٽيون به اتفاق ڪري وٺن ها ته اڄ سينيٽ اليڪشن شفاف ٿي سگهن ها.