اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان نه پاڻ ڪرپشن ڪندو آهي ۽ نه ڪ??هن کي ڪرڻ ڏيندو آهي، حڪومت پي ڊي ايم جي ڪري دٻاءُ ۾ نه ايندي، عوام ڪرپشن جي خلاف ٻاهر نڪرندي آهي ڪرپشن کي ب??ائڻ جي لاءِ نه، ماضي جون حڪومتون انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهنديون رهيون، گذريل حڪومتن جي ڪري ملڪ جو پئسو ضا??ع ٿيو، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي عوام جو لُٽيل پسئو واپس آڻيون، نديم افضل چن جو پارٽي سان ڪو به اختلاف نه آهي نه ئي حڪومت ان کان ناراض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.