اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪامياب?? جي لاءِ 6 نقاطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، عالمي وبا جي تدارڪ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزاد?? جي آر ۾ ڪنهن به مذهب جي تو??ين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگ?? جي خاتمي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي عالمي حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.