اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، ادارن تي ڳالهائي پاڪستان کي تمام وڏو نقصان ??هچائڻ جي راند کيڏي پئي وڃي، دشمنن جي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پوري طرح ادارن سان گڏ بيٺل آه??ون ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي جيڪا ملڪ ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ جي لاءِ بيٺا آهن انهن کي نقصان ??هچائي سگهي، ڪالهه انهن جو پهر??ون شو ئي فلاپ ثابت ٿيو، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي هڪ مهيني جي تيارين جو انجام فلاپ شو جي شڪل ۾ نڪتو. ڪنوينشن سينٽر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گوجرانوالا جيڪو نواز شريف جو سسرال ۽ مريم نواز جو ناناڻو آهي، ان ??خالف ڌر جي جلسي جي حوالي سان جنهن سردمهري جو مظاهرو ڪيو آهي ان ??ان ??خالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته ذاتي ايجنڊا جي تحفظ جي لاءِ ڪير ٻاهر نه نڪرندو.