اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وف??قي ڪابينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪي لائسنس رکندڙ وڌيڪ 22 پائليٽس جا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لباس برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائيندڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پرائسنگ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وف??قي ڪابينا ماڊل جيل جي قيام جي لاءِ گرين ايرياز تي جيل جي دياور ۽ عمارت جي تعمي?? تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هداايت ڪئي ته گرين ايرياز تي ڪيل تعميرات فوري طو?? تي ڊاهيون وڃن ۽ گرين ايرياز بحال ڪي?? وڃن، گرين ايرياز تي اڏاوتن جي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ مستحق خاندانن کي احسا?? پروگرام جي ذريعي مدد فراهم ڪئي وڃي، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وف??قي ڪابينا شڪي لائسنس رکندڙ پائليٽس جي خلاف جاري ڪارروائي ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.