اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو دائري ڪار بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين وڌايو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني وئي، صدر عارف علوي کي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي وائيس چانسلر مي??ر جنرل ريحان عبدالباقي، ??پا??ڪو جي چيئرمين مي??ر جنرل عامر نديم، ايس پي ڊي جي ڊائريڪٽر بر??يڊ??ئر عبدالرحمان عارف شرڪت ڪئي.