اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر اي??ب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ??فاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ ??ڌيڪ 30 اي?? اي?? سي اي?? ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو س??ڌ حڪومت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چئي، عمر اي??ب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪومت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 اي?? اي?? سي اي?? ڊي گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگهي، ڪراچي ايسٽ ?? ويسٽ ۾ ٻه گرڊ ا??ٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.