اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جو بيان ڀريل پيٽ فارسي ڳالهائڻ جي برابر آهي، خواجه صاحب کي غريبن جو احساس نه آهي نه ته اهو بيان ??ه ڏي ها، پوري قوم معيشت جي خرابي جو ذميوار ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن کي سمجهي ٿي، معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ خواجه صاحب پن??نجي قيادت کي راضي ڪري ته اها ٻاهرئين ملڪ رکيل پن??نجو سرمايو پاڪستان واپس آڻين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز پن??نجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصل?? ڪري رهيو آهي، هو پهرين ڏينهن کان هڪڙي ڳالهه چئي رهيو آهي ته قوم کي ڪورونا کان به محفوظ رکڻو آهي ۽ انهن کي بک کان به بچائڻو آهي.