اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال پاڪستان ??اءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پوري قوم متحد ٿي ان ??با جي خلاف جنگ کٽيندي، ان حوالي سان ??وم جي هر ماڻهو کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيترو وڌيڪ احتياط ڪيو ويندو نقصان اوترو گهٽ ٿيندو ۽ لاڪ ڊائون سبب سڀ کان ??ڌيڪ معاشري جا غريب ۽ ڪمزور طبقا متاثر ٿيا آهن، رليف فنڊ مان حاصل ٿ??ندڙ سموري رقم انهن جي امداد تي خرچ ڪئي ويندي، امير ۽ سرندي وارو طبقو ان ??شڪل وقت ۾ اڳتي اچي، احساس پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان ??ڏو ۽ شفاف پروگرام آهي جنهن جي فنڊز جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي هاڻي اسان کي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، ننڍن دڪانن، ڪاروبار ۽ تعمي??ات کي کولڻو پوندو، تعمي??ات جو شعبو ٻين صنعتن لاءِ به محرڪ جو ڪردار ادا ڪندو جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن وقت دنيا کي هڪ وڏو بحران درپيش آهي تنهن هوندي به مون کي يقين آهي ته ان کانپوءِ پاڪستان ??ڌيڪ مضبوط ملڪ طور اڀرندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف فنڊ ??ي حوالي سان ??لڪي تاريخ جي سڀ کان ??ڏي احساس ٽيلي ٿون ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملڪ جي مختلف چينلز سان ??اڳاپيل اينڪرز به ٽيلي ٿون ۾ شريڪ هئا.