اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف جا اعمال ان جي س??مه??ن اچ?? رهيا آهن، نئين پاڪستان ۾ ادارا آزاد ۽ خودمختيار آهن، احسن اقبال صاحب! توهان ڪيستائين ڪرپشن جو دفاع ۽ ڪوڙ جو اقبال بلند ڪندا؟ و??يراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اکين ۾ ان ل??ءِ کُٽڪي ٿو ته هو پنهنجي ذات جي نه پاڪستان جي ڪاز جي جنگ وڙهي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو.