اسلام آباد – 05 نومبر (اي پ?? پي) وفاقي ڪابينا پهرين اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) کي انتظامي ۽ پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کان جدا ڪرڻ، بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ?? جي لاءِ 2 ڏينهن جي فيس معافي، پاسپورٽ جي شرط هڪ سال لاءِ خت?? ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سياح?? جي لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي جي لاءِ موجوده پاليسي تي نظرثاني ڪئي ويندي، ميجر جنرل محمد عامر حميد کي رينجرز پنجاب جو ڊي جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪي معيشت جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصل?? جي توثيق ڪئي وئي.