اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نوروز مل??ائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقع?? آهي. وزيراعظم چيو ته هن تهوار ۾ اميد جو پيغام آهي جيڪو اسان کي هڪ بهتر مست??بل جي خبر ڏي ٿو، پاڪستاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ملڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اه?? ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي ساراهي ٿي، اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون.