اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي ??ار?? وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سا??ن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان سا?? ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ناڻي ??ار?? وزير شوڪت ترين سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ناڻي ??ار?? وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سا??ن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ ??ي مبارڪباد ڏني، جنهن سا?? روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلومبرگ ۽ دي اڪانومسٽ جهڙين عالمي معاشي تنظيمن پاڪستان جي ڪوويڊ دوران نوڪرين ۽ زندگين کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل ڪامياب معاشي سڌارن ۽ قدمن کي تسليم ڪيو آهي. وزيراعظم ناڻي ??ار?? وزير کي هدايت ڪئي ته هو وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي معاشي بهتري جي لاءِ قدم شروع ڪري جيڪي درآمدي مهانگائي سا?? سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ ناڻي ??ار?? وزير ??سلسل جاري عالمي سطح تي جنسن جي قيمتن ۾ تمام گهڻي اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ واپاري خساري کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. ناڻي ??ار?? وزير ??زيراعظم کي آگاهه ڪيو ته مقامي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ڊسمبر کان گهٽ ٿي رهيون آهن جيئن ته صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر ايس پي آءِ سا?? ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته هو پراميد آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿينديون درآمدي شين تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. وزيراعظم مجموعي طور تي ٽيڪس وصولي، درآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.