گوادر – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ش??باز شريف جي گوادر ج?? هڪ ئ?? مهيني ۾ ٻئي دوري ?? گوادر جي ترقي کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وڏي وزير وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال 5 ضروري شين تي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو انگ وڌائڻ جي هدايت جي آجيان ڪئي.