اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسع البنياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪ?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ص??ر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مذهب، گڏيل قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. صدر ??يو ته سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جنهن سد??ئين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، هن وڌيڪ ??يو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسيع النبياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس کي گڏيل واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ باقاعدگ?? سان ڳالهيون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر ??يو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪس??ان?? ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي صدر خادم حرمين شريفين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو ۽ ??يو ته پاڪس??ان?? عوام سندس بهتر صحت ۽ وڏي عمر لاءِ دعاڳو آهي.