جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪئ?? جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان وزيراعظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏن?? ويو. سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏن??، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان ملايو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .