اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب نجي ٽي وي چ??نل جي سينيئر پ??وڊيوسر اطهر متين جي مارجي وڃڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي، هن چيو ته مون کي ان افسوسناڪ واقعي ۾ اطهر متين جي مارجڻ تي دلي صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان جون سموريون همدرديون پونئيرن سان گڏ آهن. سماءَ نيوز جو سينيئر پ??وڊيوسر اطهر متين ڪراچي ۾ ڦورن ??ي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي.