اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف فيملي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ ڪي?? آهن، انهن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪي??ن ۾ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، اهو ڪي?? سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير قوم ??ي مبارڪباد ڏني ته هڪ ڊگهي جاچ کانپوءِ آخرڪار 18 فيبروري تي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪي?? ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعده ٽرائل شروع ٿيندو، ان جاچ ۾ 14 هزار بينڪنگ ٽرانزيڪشنز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران حيرت انگيز تفصيل سامهون آيا، هن چيو ته مقصود، شهباز شريف جي ??لز ۾ نوڪر هو، ان جو پگهار 25 هزار روپيا هو، ان جي نالي تي اڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب روپيا ان جي اڪائونٽ مان ٿيندا شريف فيملي جي اڪائونٽس ۾ پهچي ويا، وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جي درجنين دلچسپ ۽ عجيب فراڊ شهباز شريف جي ان ڪي?? جو حصو آهن، هن درخواست ڪئي ته ان ڪي?? کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي.