اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڳڻتي هاڻي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تائين محدود ناهي ??هي?? ڪرناٽڪ جو واقعو ان جو واضح ثبوت آهي، بي جي پي سرڪار جي ناروا پاليسين جي ڪري خطي جي امن کي درپيش خطرن جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??اري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ظلمن طرف اسان عالمي برادري جو ڌيان مسلسل ڇڪرائيندا ??هي?? آهيون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هر ڀيري چئي چڪو آهي ته اسان کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته نيامي ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪستان نه رڳو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جي خلاف آواز بلند ڪيو پر اسلامو فوبيا جي خلاف متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد به پاڪستان پيش ڪئي. اسان جا خدشا اڄ حقيقت جو روپ ڌاري ??هي?? آهن، ڪرناٽڪ جو واقعو ان جو ثبوت آهي، اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته هندستان ۾ حجاب جي نالي تي ٻارڙين کي ت??لي?? جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته هندستان ۾ اقليتن سان مسلسل ناروا ??لوڪ ڪيو ويندو رهيو جيڪو انتهائي ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي، هندستان هڪ طرف پاڻ کي سيڪيولر ازم ۽ جمهوريت جو علمبردار چورائيندو آهي ۽ ٻي طرف لباس تي پابنديون لڳايون پيو وڃڻ. پرڏيهي وزير چيو ته هندستان ۾ ڪروڙين مسلمان رهن ٿا، اسان جو پنهنجو هڪ تمدن آهي ۽ هڪ تهذيب آهي، ڪالهه جيڪو ڪرناٽڪ ۾ ٿيو اهو هندستان ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمانن کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هو دٻايل ضرور آهن پر جيڪڏهن هو دٻجي خاموش به ??هي?? ته ظلم جو سلسلو بند نه ٿيندو، شاهه محمود قريشي چيو ته کين پنهنجي بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ته ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي شديد مذمت ڪريان ٿو، آئون اڄ انساني حقن جي علمبردار تنظيمن جو ڌيان ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي طرف ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، اڄ خاموش نه رهو هندستان ۾ ت??لي?? پرائيندڙ انهن ٻارڙين لاءِ آواز اٿارين جنهن کان ت??لي?? حاصل ڪرڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئون هندستان ۾ رهندڙ سيڪيولر سوچ جي حامل طبقن کي به چوندس ته هو پنهنجي ملڪ جي تشخص کي بچائڻ لاءِ مسلمان اقليت سان ٿيندڙ ناروا ??لوڪ جي خلاف آواز بلند ڪن، شاهه محمود قريشي چيو ته انشاءُ الله 22/23 مارچ تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس منعقد ٿيندو. ان اجلاس ۾ فسلطين مسئلي، ڪشمير مسئلي، اسلامو فوبيا سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بحث هيٺ ايندا، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اسان مسلمانن جي حقن جي تحفظ لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم کي ڪهڙي طرح موثر انداز ۾ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا.