اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سڄي ر??ت آپريشن جاري رهيو پر ان باوجود 16 کان 19 ماڻه?? جي گاڏين اندر موت ٿي آهي، مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي اپيل آهي ته اهي برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خوراڪ ۽ ڪمبل مهيا ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي ??عليٰ آفيسر?? جي نگراني ۾ سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌ??يو ته گذريل پندرنهن کان ويهه سالن کانپوءِ شهري?? جي هڪ وڏي انگ برفباري جي ??يزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ڪيو آهي ۽ سڄي ر??ت آپريشن جاري رهڻ باوجود 16 کان 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌ??يو ته آپريشن دوران برفباري ۾ ڦاٿل هڪ هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ هڪ هزار گاڏين کي برفباري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌ??يو ته پنجاب حڪومت ۽ اسلام آباد جي ??لعي انتظاميا طرفان سڄي ر??ت آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي ??وانن کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي خوراڪ، گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ سان گڏو گڏ برفباري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينهن لاءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي ??ام تائين مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.