ميڊر?? – 12 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري ??هي آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم هيڊڪوارٽر ۾ يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي جنرل سيڪريٽري ??ان ملاقات دوران چئي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري ??نرل زوراب پولوليڪا شويلي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي. اسپين ۾ پاڪستان جو سفير شجاعت راٺور پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. پرڏيهي وزير سيڪريٽري ??نرل زوراب پولوليڪا شويلي کي ايندڙ چئن سالن جي مدي (2022ع کان 2025ع) جي لاءِ سيڪريٽري ??نرل جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ??ني ۽ سياحت جي فروغ ۽ ورثي جي تحفظ جي ڏس ۾ يو اين ڊبليو ٽي او جي موثر ڪردار کي ساراهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ريتيءَ وارن سمنڊن کان وٺي شڪوه جبلن تائين پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي سياحتي جايون موجود آهن. وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي ??وش??ي ۾ پاڪستان حڪومت سياحت جي فروغ جي حوالي سان 10 سالا روڊ ميپ تي عمل پيرا آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت سياحن جي سهولت لاءِ اي ويزا جاري ڪرڻ سميت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي ٽريول ايڊوائيزري ??ي نظرثاني ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ فني معاونت جي لاءِ يو اين ڊبليو ٽي او ٽيم جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي اميد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت قدرتي، سماجي، ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پائيدار ترقي سان گڏوگڏ سياحت جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري ??هي آهي. پرڏيهي وزير يو اين ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري ??نرل کي ماحولياتي انحطاط کي منهن ڏيڻ ۽ فطرت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ سياحتي جاين کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي 10 بلين سونامي ٽري منصوبي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري ??نرل چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي جايون اهڙيون آهن جتي سياحن جو ڌيان آهي، وڏي پئماني تي ڪورونا ويڪسي نيشن کانپوءِ سياحن جي چرپر ۾ بهتري متوقع آهي. يو اين ڊبليو ٽي او جي سيڪريٽري ??نرل سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن کي ساراهيندي سياحت جي فروغ جي لاءِ ڀرپور معاونت جي فراهمي جي خاطري ڪرائي.