اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 96 لک خاندان ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽور وزيراعظم را??ن رعايت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان پروگرام جي ذريعي 2 ڪروڙ خاندان اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو ر??ايت حاصل ڪندا جڏهن ته 7 لک ڪريانه اسٽور 120 ارب روپين جي سبسڊي خاندانن کي ??يڻ جو ذريعو بڻجندا.