اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيالڪوٽ وا??عي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه کان سو??ي رهيو هئس ته سيالڪوٽ وا??عي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا وا??عا رڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين احساس دفن رهي ٿو جيستائين اڳيون وا??عو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وقت واريءَ وا??گر هٿن مان نڪري رهيو آهي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.