اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمو?? چوڌري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر وزيراعظم عمران خ??ن کي ڪشمير ڪاز کي ع??لمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي متحرڪ ڪرڻ جي لا??ِ پنهنجي پرڏيهي دورن جي ڪاميابي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.