اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ روزگار جي لاءِ پ??رهيتن ۽ افرادي قوت ??ي صنعتن تائين آسان پهچ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم س??ن منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وفاقي وزير اسد عمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪراچي جي ترقي جي لاءِ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ڪرڻ جي منظوري جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پاران جي سڀ کان وڏ?? شهر ۾ ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي، ماضي ۾ حڪومتون ملڪ جي اقتصادي مرڪز ڪراچي کي نظرانداز ڪنديون رهيون. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ روزگار جي لاءِ پ??رهيتن ۽ افرادي قوت ??ي صنعتن تائين آسان پهچ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.